زرداري ڦوٽو خان

زرداري ڦوٽو خان

ڦوٽو زرداري

ڦوٽو زرداري : مشهور فنڪار ڦوٽو خان ولد شير محمد زرداري 1956ع ڌاري ڳوٺ عالم خان زرداري لڳ سرهاڙي، تعلقي شهدادپور، ضلعي سانگھڙ ۾ پيدا ٿيو، ڦوٽي زرداريءَ جو جنم هڪ غريب گهراڻي ۾ ٿيو. سندس معمولي تعليم هئي. ننڍپڻ کان ئي راڳ سان دلچسپي هئس. مشهور فنڪار مصري فقير کان گھڻو متاثر هو. ڀرپاسي ۾ جنهن به محفل ۾ مصري فقير ايندو هو ته هي ان محفل ۾ وڃي کيس ٻڌندو هو ۽ ان جي ڳايل ڪلامن تي رياض ڪندو هو. اهو ئي سبب هو جو سندس گائڪيءَ تي مصري فقير جو وڏو اثر هو ۽ سندس آواز به ان سان ملندڙ جلندڙ هو. هن راڳ جي باقاعدي تعليم عبد علي فقير کان ورتي. ڦوٽو زرداري هارمونيم تي ڳائيندو هو ۽ سڄي سنڌ ۾ کيس وڏي مقبوليت حاصل رهي. هميشه نين ڌنن تي ڳائيندو هو. ڪڏهن به ڪا ڌن چوري نه ڪيائين. آسا، ڪاموڏ، تلنگ، ڪوهياري، ڀيروي، پهاڙي ۽ راڻي جي راڳڻين تي کيس عبور حاصل هو. هن شاهه عبداللطيف ڀٽائي، مخدوم طالب الموليٰ، سيد مرتضيٰ ڏاڏاهي، پير اعجاز، احمد شاهه، بلها شاهه ۽ ٻين جي شاعري ڳائي مقبوليت حاصل ڪئي. ريڊيو پاڪستان ۽ ٽيليويزن تي سندس ڪيترائي ڪلام رڪارڊ ٿيل آهن، ان کانسواءِ سندس آواز ۾ رڪارڊ ٿيل سوين آڊيو ڪيسيٽون موجود آهن. ڦوٽي خان زرداريءَ 16 مارچ 1996ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1996.03.16  عيسوي

ڦوٽي خان زرداريءَ 16 مارچ 1996ع تي وفات ڪئي.



راڳي - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خانصاحب اُستاد فتح علي خان
ڍول فقير
سرمد سنڌي
شبير شاهاڻي
رونا ليليٰ
سيد احمد شاهه
خاصخيلي محمد ابراهيم
ٻارٽ
ريشمان
استاد امير خان
راڳي ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون